چمي شاهه رخ خان کي ملي، گيت رڻوير سنگهه ڳائڻ لڳو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا دپيڪا پڊوڪون جمعي جي ڏينهن ڪجهه تصويرون سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيون جنهن تي سندس مڙس رنوير سنگهه به پنهنجو ردعمل ڏنو.
ڀارتي ميڊيا موجب بالي ووڊ فلم ”جوان“ جي حوالي سان هڪ تقريب ۽ پريس ڪانفرنس ۾ اداڪار شاهه رخ خان ۽ دپيڪار پڊوڪون شريڪ ٿيا هئا.
اداڪارا پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي شاهه رخ خان جي ڳَلَ تي چمي ڏيڻ جي تصوير به شيئر ڪئي جنهن مان سندس مڙس رنوير سنگهه متاثر نظر آيو.
رنوير سنگهه دپيڪا پڊوڪون جي پوسٽ تي ڪمينٽ لکيو ته ”عشق ۾ دل بنا هي عشق ۾ دل فنا هي“.
ڀارتي ميڊيا موجب اداڪارا فلم جي حوالي سان رٿيل تقريب ۾ به شاهه خان جي ڳل تي چمي ڏني هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.