خيرپور (ويب ڊيسڪ) خيرپور جي حويلي ۾ زيادتي ۽ تشدد کانپوءِ قتل ڪيل گهريلو ملازمه فاطمه ڦرڙو جي پوسٽ مارٽم رپورٽ تيار ڪئي وئي آهي.
ذريعن موجب مقتولا فاطمه ڦرڙو جي پوسٽ مارٽم رپورٽ تمام جلد پوليس حوالي ڪئي ويندي.
ليبارٽري ذريعن جو چوڻ آهي ته سيني ۽ مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ سبب ٻارڙي جو موت ٿيو.
واضح رهي ته 16 آگسٽ تي خيرپور ۾ بااثر پير جي حويلي ۾ 10 ورهين جي ٻارڙي فاطمه ڦرڙو مارجي وئي هئي.
Prev Post
You might also like