تهران (ويب ڊيسڪآ) شاپنگ مالز جي ڳالهه ڪئي وڃي ته آمريڪا کي شاپنگ مالز جو گھر سمجهيو ويندو آهي جتي 100،000 کان وڌيڪ شاپنگ مالز آهن، پر دنيا جي سڀ کان وڏي شاپنگ مالڪ جي ڳالهه ڪئي وڃي ته ان جو اعزاز ايران وٽ آهي.
تهران اتر اوڀر ۾ موجود ايران مال 21 ملين اسڪوائر فوٽن تي پکڙيل آهي ۽ ست ماڙ تي ٻڌل آهي. 2014 کان 1200 کان وڌيڪ ٺيڪيدارن ۽ تقريبن 25،000 مزدورن دنيا جي ان سڀ کان وڏي شاپنگ مال کي حقيقت بڻائڻ لاءِ 24 ڪلاڪ ڪم ڪيو.
2018ع ۾ تعمير جو پهريون مرحلو مڪمل ٿيو ۽ 1 مئي 2018ع تي 708 دڪان ان ۾ کوليا ويا. انهيءَ سال ايران مال دنيا جي سڀ کان ڊگھي لاڳيتو ڪنڪريٽ وجهڻ جو گنيز رڪارڊ قائم ڪيو. ڪنڪريٽ 6 ڏينهن تائين لاڳيتو وڌيو ويو هو.
ايران مال ۾ 700 کان وڌيڪ دڪان آهن جيڪي مقامي ۽ عالمي برانڊز جي مرڪب سان مختلف قسمن جو سامان ۽ خدمتون پيش ڪن ٿا، پر ان ۾ اهڙيون سهولتون به آهن جو اوهان کي سڄي دنيا جي گھڻن شاپنگ مالز ۾ نظر نه اينديون. مثال طور تي ايران مال ۾ 12 کان گھٽ IMAX سينيما گھر، 2000 سيٽن جي گنجائش وارو هڪ جديد ترين ٿيٽر هال، سائيٽ تي موجود ميوزيم ۽ ڪيتريون ئي آرٽ گيلريز موجود آهن.
تفريح جي لحاظ کان ايران مال متاثر ڪندڙ تفريحي پارڪ، ڇت تي ٽينس ڪورٽ، هڪ ڪنوينش سينٽر، هڪ هوٽل ۽ ڪيترن ئي ڪانفرنس هالز جو هنڌ به آهي. ان کانسواءِ هاڻي هڪ نئون فائيو اسٽار هوٽل ۽ جديد اسپورٽس سينٽر جلد ئي کلڻ وارا آهن.