سلمان خان تي بيوفائي جا الزام

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ميگا اسٽار سلمان خان جي اڳوڻي گرل رينڊ سومي علي هڪ ڀيرو وري هن تي بيوفائي جو الزام لڳائي ڇڏيو.
اڳوڻي اداڪارا ۽ سماجي ڪارڪن سومي علي هڪ انٽرويو ۾ چيو ته سلمان خان سنگيتا بجلاني سان لاڳاپا هوندي به مون سان دوستي ڪئي ۽ هن کي دوکو ڏنو. سنگيتا بجلاني جي موجودگي ۾ سلمان خان جي زندگي ۾ ”ٻي عورت“ آئون هيس.

Somy Ali Age, Husband, Family & Biography

اداڪارا جو وڌيڪ چوڻ هو ته سلمان خان ۽ سنگيتا بجلاني جي شادي جا ڪارڊز ڇپجي چڪا هئا پر شادي کان ڪجهه هفتا اڳ سنگيتا بجلاني سلمان خان کي منهنجي اپارٽمنٽ ۾ سَڳَ سوڌو پڪڙي ورتو.
سومي علي جو چوڻ هو ته ان سڄي معاملي مان آئون اهو سکيو ته اوهان ڪنهن سان ڪجهه غلط ڪندا آهيو ته اهو ئي اوهان سان به ٿيندو آهي. سومي علي ماضي ۾ به اداڪار سلمان خان تي ذهني ۽ جسماني تشدد جا الزام لڳائي چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.