راڻيپور: پريا ڪماري سميت سمورن مغوين جي بازيابي لاءِ احتجاجي ريلي

راڻيپور ۾ يونائيٽيڊ لائرس اينڊ سول سوسائٽي فورم، سنڌ شيعا علماء ڪائونسل ۽ وائيس آف راڻيپور پاران نياڻي پرياڪماري سميت سمورن مغوين جي بازيابي لاءِ ريلي ڪڍي وئي.
ريلي ۾ سياسي سماجي اڳواڻن سول سوسائٽي ۽ اقليتي برادري جي ماڻھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي ريلي جي اڳواڻي ڪندڙ شيعا علماءِ ڪائونسل جي اڳواڻ مولانا محسن علي نقوي، ڊاڪٽر نظير کوکر ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ اندر ڪيترن ئي ماڻهن کي اغوا باندي بڻايو ويو آھي، معصوم نينگري پريا ڪماري کي اغوا ٿئي ٻه سال گذري ويا آهن پر سندس ڪو به پتو ناهي پئجي سگھيو مغوين جي گھرن ۾ ماتم بر آهي.
احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته سنڌ جي سمورن مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.