راڻيپور: ٻارڙي سان زيادتي ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ وارثن جو احتجاج

رپڙي ڀرسان ٻهارو ٿاڻي جي حد ۾ چوٿين ڪلاس جي شاگردياڻي سان مبينا جنسي زيادتي ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ متاثر نينگري جي وارثن احتجاج ڪيو آهي.
متاثر ٻارڙي جي جي پيءُ حضور بخش سومرو ۽ ماءُ منظوران پريس ڪلب ۾ احتجاج ڪندي چيو ته اسان جي نياڻي سان زيادتي ٿي آهي جنهن جا ڊي اين اي جزا ورتا ويا پر اهي ظاهر نٿا ڪيا وڃن، ٻهارو پوليس اسان جو ڪيس لوڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.
هنن چيو ته پوليس هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي ٻه جوابدار فرار آهن انهن جا وارثن ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.
متاثر ٻارڙي جي پيءُ ماءُ ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور خان مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.