اڪرم واهه جي پاڻي تي ڌاڙي خلاف ٽيل آبادگار ايسوسيئيشن ۽ فشر فوڪ فورم بدين جي سڏ تي آبادگارن ۽ شهرين پيادل مارچ ڪري ڌرڻو هنيو آهي.
مظاهرين عبدالغفور چانڊيو، محمد اسلم ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ علي بند کان سنهي گوني شهر تائين پيادل مارچ ڪري ڏيپلو بدين روڊ تي ڌرڻو هنيو جڏهن ته سنهي گوني شهر ۾ واپارين پاران مڪمل طور تي شٽر بند هڙتال ڪئي.
ان موقعي تي اڳواڻن الزام هڻندي چيو ته اڳوڻي وڏي وزير مراد علي شاهه اڪرم واهه جو پاڻي پنهنجي زمين ڏانهن منتقل ڪري ٽيل جي آبادگارن جو معاشي قتل ڪيو آهي، پاڻي جي کوٽ سبب بدين جي ٽيلن کي پيئڻ جي پاڻي کان به محروم ڪيو ويو آھي جڏهن ته فصل نه ٿيڻ ڪري بدين جون ٽيلون مڪمل طور تي غيرآباد ٿي ويون آهن.
هنن چيو ته جيڪي پاڻي جا مالڪ آھن انھن کي محروم ڪري چورن جون ھزارين ايڪڙ زمينون آباد ڪري بدين جي زمينن کي تباهه ڪيو ويو آهي اڍائي سو کان وڌيڪ پمپ مشينون لڳائي پاڻي کي ڳنڍو ڏنو ويو آھي.
احتجاج ڪندڙن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ ٻين ٻين اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي آهي ته بدين جي ٽيلن تائين پاڻي پهچائي آبادگارن جو معاشي قتل عام بند ڪيو وڃي.
You might also like