کيري ۽ ليمي جو پاڻي پيئڻ جا فائدا!، تيار ڪرڻ جو طريقو ڄاڻيو؟

کيري ۽ ليمي جو پاڻي صحت جي فائدن سان ليس آهي. پنهنجي پيئڻ جي پاڻي ۾ ليمي ۽ کيري کي شامل ڪرڻ نه رڳو باقاعدگي سان نه رڳو پاڻي پيئڻ پر گڏيل جسماني نظام کي صحتمند رکڻ جو هڪ سولو، تيز ۽ سستو طريقو به آهي. هڪ تحقيق موجب روز کيري ۽ ليمي جو پاڻي پيئڻ جسم کي سڄو ڏينهن هائڊريٽ رکڻ ۾ مدد ڪندو آهي. ليمي ۽ کيري جي رس پيئڻ سان جسم کي ڀرڻ ۽ توانائي بخشڻ ۾ مدد ملي سگھي ٿي، خاص طور تي گرم ڏينهن ۾ جڏهن اوهان کي گھڻي اُڃ لڳي ۽ پاڻي جي کوٽ محسوس ڪندا آهيو.

مناسب طريقي سان هائڊريٽڊ جسم جو نظام سولائي سان ڪم ڪري سگھندو. پيئڻ جي پاڻي ۾ ليمي ۽ کيري کي شامل ڪرڻ اوهان جي جسم جي نظام کي ڊيٽاڪس ڪرڻ جو هڪ اثرائتو طريقو آهي. روز ليمي ۽ کيري جو پاڻي پيئڻ ضروري آهي ڇو جو انهن ٻنهي ضروري آرگينڪ فوڊز جو روز استعمال نه رڳو جسم مان زهريلي مواد کي ٻاهر ڪڍندو آهي پر سڄي جسم جي نظام کي صاف ڪرڻ ۾ به مدد ڪندو آهي.

روز ليمي ۽ کيري جو پاڻي پيئڻ وزن گھٽائڻ جو هڪ تيز ۽ سولو طريقو آهي. ليمي ۽ کيري جا گڏيل غذائي جز اوهان جي جسم کي پيٽ ڀرڻ، بک ۽ خواهش کي گھٽ ڪرڻ ۾ مدد ڪندا آهن. خواهشن جي گھٽتائي گھٽ کائڻ ۽ زون ۾ گھٽتائي جو سبب بڻبي آهي. کيري ۾ زيرو ڪيلوريز هونديون آهن.

کيرا ۽ ليما وٽامنز سان ڀرپور هوندا آهن جهڙوڪ وٽامن ڪي، وٽامن سي، وٽامن اي، مينگنيج ۽ رت جي ڄمڻ لاءِ ذميوار ٻيا ضروري عنصر هوندا آهن. انهن سمورن ضروري عنصرن ۽ غذائي جُزن جو ميلاپ جسم ۾ مضبوط، صحتمند هڏن جي واڌ ويجهه کي هٿي ڏيندو آهي ۽ گڏيل صحت ۽ تندرستي کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ڪندو آهي، ان ڪري اوهان کي روز ليمي ۽ کيري جو پاڻي پيئڻ گھرجي.

کيرا ۽ ليما اينٽي آڪسيڊنٽس جا سٺا ذريعا آهن. اهو ئي سبب آهي جو روز ليمي ۽ کيري جو پاڻي پيئڻ جسم ۾ پاڻياٺ کي برقرار رکڻ يا ٻين مسئلن کي روڪڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪندو آهي.

طريقو

هڪ عدد کيرو، هڪ عدد ليمو، پيئڻ جو پاڻي. استعمال ٿيندڙ شين يعني کيري ۽ ليمي کي صاف پاڻي سان ڌوئو. جيڪڏهن اوهان چاهيو ته کيري جي کَل کي ڇِلي سگھو ٿا. پر اهو ضروري ناهي. کيري کي ٿلهن ٽڪرن ۾ ڪٽيو، جيڪڏهن اوهان چيو ته ٻج ڪڍي سگھو ٿا يا ڇڏي سگھوٿا. ليمي کي سنهڙن ٽڪرن ۾ ڪٽيو ته جيئن رس سولائي سان نڪري وڃي. کيري ۽ ليمي جا ٽڪرا هڪ پيالي يا شيشي جي جار ۾ رکو (پلاسٽڪ جو ٿانو استعمال نه ڪريو). جار کي پاڻي سان ڀري ڍڪي ڇڏيو، ۽ گھٽ ۾ گھٽ ٻن ڪلاڪن يا سڄي رات فرج ۾ رکو ته جيئن پاڻي کيري ۽ ليمي جي رس سان سٺي نموني مڪس ٿي وڃي. ليمي ۽ کيري جو پاڻي تيار ڪرڻ کان پوءِ ان کي ٻن يا ٽن ڏينهن ۾ ختم ڪريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.