برج خليفا ۾ نوڪري جي خواهشمندن لاءِ خوشخبري

دبئي (ويب ڊيسڪ) دبئي ۾ واقع دنيا جي بلند ترين عمارت برج خليفا هوٽل ۾ ڪم ڪرڻ جي شوقينن لاءِ نوڪرين جا موقعا فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

برج خليفا ۾ نوڪري لاءِ درخواست ڏيڻ لاءِ، دلچسپي رکندڙ اميدوار برج خليفا ڪيريئر ويب سائيٽ جو دورو ڪري سگهن ٿا، جتي موجود نوڪرين جي لسٽ ۽ نوڪري جي شعبي کي چونڊي سگهجي ٿو.

نوڪري جا تفصيل پڙهڻ ۽ ڄاڻڻ بعد اميدوار اپلاءِ جي بٽڻ تي ڪلڪ ڪري وڌيڪ گهرجون پوريون ڪري سگهي ٿو.

ويب سائيٽ تي آن لائن فارم ڀرڻ سان گڏ سي وي جمع ڪرائڻ ۽ اسڪرين تي ڏنل هدايتن تي عمل ڪرڻ گهرجي.

درخواست جمع ڪرائڻ بعد اميدوار کي اي ميل جو انتظار ڪرڻو پوندو.

جيڪڏهن اميدوار شارٽ لسٽ ٿي ويو ته کيس انٽرويو ۽ ٽيسٽ لاءِ تيار رهڻو پوندو.

اوهان کي نوڪري لاءِ اپلاءِ ڪرڻ بعد ٿورو انتظار ڪرڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.