ڪويت ۾ رهندڙن لاءِ اهم خبر

ڪويت ۾ رهندڙ ڇڙن ماڻهن جي حوالي سان (PACI) اهم حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڊائريڪٽر جنرل جي آفيس جي ڊائريڪٽر ۽ ڪويت جي پبلڪ اٿارٽي فار سول انفارميشن (PACI) جي سرڪاري ترجمان خالد الشمري حڪم جاري ڪيو آهي ته اٿارٽي نجي هائوسنگ ۾ ڇڙن (غير شادي شدهه يا فيملي کانسواءِ رهندڙن) جي رجسٽريشن کي روڪڻ لاءِ قدم کنيا آهن.
خالد الشمري جو هڪ پريس بيان ۾ چوڻ هو ته اٿارٽي گڏيل حڪومتي ڪميٽي جي هڪ فعال ميمبر آهي جيڪا نجي رهائشي علائقن ۾ ڇڙن جي رهائش کي منهن ڏيڻ ۽ ان کي روڪڻ لاءِ قدم کڻندي آهي.
هن وضاحت ڪئي ته ڪميٽي شڪايتون وصول ڪندي آهي ۽ ان مسئلي بابت ڪنهن به ڀڃڪڙي جي سائٽ تي وڃي ان جي تصديق ڪندي آهي.
خبر موجب بيچلر پرڏيهي ڪويت جي ڪهڙن علائقن ۾ رهن ٿا، انهن جي تصديق سندن بطاقه تي لکيل ايڊريس سان ٿيندي جنهن جي تصديق عام طور تي اقامو لڳڻ جي مرحلن ۾ ٿي سگھي ٿي.
اٿارٽي لاڳاپيل ماڻهن جي اقامي کي تيستائين رنيو نه ڪندي جيستائين اهي موجودا رهائش جو ثبوت اٿارٽي کي پيش نه ڪندا جنهن مان اهو واضح ٿي وڃي ته لاڳاپيل ڇڙو فيملي کانسواءِ ڪويت جي نجي رهائشي علائقي ۾ ترسيل به آهي يا نه.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.