گووندا هزار ڪروڙن جي فراڊ ۾ ڦاسي پيو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي مشهور اداڪار ڪووندا کان هڪ هزار ڪروڙ رپين جي آن لائين فراڊ اسڪيم سان واسطي جي سلسلي ۾ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽس موجب اداڪار گووندا نه جوابدار آهي نه ئي هن تي شڪ آهي پر هومعاشي ڏوهن واري ونگ (اي او ڊبيلو) نالي ايجنسي لاءِ شاهد بڻجي سگھي ٿو.
هڪ ڪمپني ڪرپٽو سيڙپڪاري جي نالي تي فراڊ ڪيو آهي ۽ گووندا وڊيوز ذريعي ان ڪمپني جي مشهوري ڪئي هئي.
ڪمپني 10 هزار ماڻهن کان 30 ڪروڙ رپيا ڦٻايا آهن، جن ۾ بهار، اترپرديش، پنجاب، راجسٿان، هريانا، دهلي، جهار کنڊ ۽ ٻين رياستن ۾ موجود سيڙپڪار شامل آهن.
ڀارتي ايجنسي 7 آگسٽ تي ڪمپني جي ڪنٽري هيڊ ۽ اڙيسا رياست جي سربراهه کي گرفتار ڪري ورتو هو.
اي او ڊبليو جي آءِ جي جو چوڻ هو ته اسان جلد ممبئي جي هڪ ٽيم موڪلينداسين جيڪا گووندا کان جاچ ڪندي.
سندس چوڻ هو ته فلم اسٽار ڄاڻايل ڪمپني جي گوا ۾ رٿيل فنڪشن ۾ شرڪت ڪئي هئي ۽ ڪجهه وڊيو ٺاهي ان جي مشهوري به ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.