عدالت جو پوليس کي شيخ رشيد جون بلٽ پروف گاڏيون واپس ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پوليس کي اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد جي قبضي ۾ ورتل بلٽ پروف گاڏيون واپس ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ شيخ رشيد گاڏين جي حوالي سان انٽرا ڪورٽ اپيل داخل ڪئي هئي جنهن کي عدالت منظور ڪندي سنگل بئنچ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ۽ جسٽس ارباب طاهر تي ٻڌل بئنچ لکت ۾ فيصلو ڪاري ڪيو.

عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته پوليس شيخ رشيد جون گاڏيون غير قانوني طور قبضي ۾ ورتيون آهي، تنهنڪري گاڏيون جتان قبضي ۾ ورتيون ويون هيون ساڳي ئي هنڌ واپس ڪيون وڃن.

عدالت وڌيڪ چيو ته ظاهري طور پوليس گاڏيون شيخ رشيد کي سريندڙ ڪرائڻ لاءِ قبضي ۾ ورتيون آهن، سندس گاڏيون قبضي ۾ وٺڻ دوران قانوني گهرجون پوريون نه ڪيون ويون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.