پي آءِ اي جي نجڪاري بابت اجلاس، اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) قومي ايئر لائين ( پي آءِ اي ) جي نجڪاري جي حوالي سان وزيراعظم هائوس ۾ ٿيل اجلاس جي اندورني ڪهاني سامهون اچي وئي.

پي آءِ اي جي نجڪاري جي حوالي سان جيڪو ڪم چونڊيل وزيراعظم نه ڪري سگهيا اِهو نگران وزيراعظم انوار الحق ڪري ڇڏيو.

ذريعن موجب، پي آءِ اي جي نجڪاري جو فيصلو ٿيندي ئي بئنڪن پي آءِ اي لاءِ قرض منظور ڪري ورتو، هڪ نجي بئنڪ پي آءِ اي کي گهٽ مدي لاءِ پنج ارب رُپيا قرض ڏيندي ۽ 7 کان 10 ڏينهن لاءِ ڏنل ان قرض ذريعي انتهائي ضروري ادائيگيون ڪيون وينديون.

ذريعن جو چوڻ آهي ته نيشنل بئنڪ پي آءِ اي لاءِ 13 ارب رپين جو قرض منظور ڪري ورتو آهي، نيشنل بئنڪ جو قرض ورڪنگ ڪيپيٽل هوندو جنهن جو مدو ڇهه مهينا يا هڪ سال تائين هوندو.

ذريعن موجب، قرض جي رقم اڪائونٽ ۾ ايندي ئي شام کان پي آءِ اي جو آپريشن معمول تي اچڻ شروع ٿي ويندو، قرض ملڻ کانپوءِ گرائونڊ ٿيل پي آءِ اي جا ٻه بوئنگ 777 جهاز شام تائين فليٽ ۾ اچي ويندا.

نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ لاڳاپيل عملدارن کي پي آءِ اي جي نجڪاري جي عمل کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته عالمي معيار جي هوائي سفر جي فراهمي جي لاءِ قومي ايئرلائين جي جلد کان جلد نجڪاري ضروري آهي.

نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائين بابت اجلاس جي صدارت ڪئي.

اجلاس ۾ نگران وزيراعظم کي پي آءِ اي جي نجڪاري ۽ ٻين معاملن جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو.

نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي پي آءِ اي جي نجڪاري جي عمل کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

هن چيو ته صارفين کي عالمي معيار جي هوائي سفر جي فراهمي جي لاءِ قومي ايئرلائين جي جلد کان جلد نجڪاري لازمي آهي.

ذريعن جوچوڻ آهي ته وزيراعظم هوابازي واري وزارت طرفان پي آءِ اي کي 23 ارب رُپيا ڏين جي دراخواست ڪري ڇڏي ۽ اجلاس ۾ نجڪاري وارو عمل مڪمل ٿيڻ تائين پي آءِ اي کي آپريشنل رکڻ جو فيصلو ڪيوويو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته نجڪاري وارو عمل مڪمل ٿيڻ تائين پي آءِ اي فلائٽ آپريشن کي جاري رکڻ تي ڪيترو خرچ ايندو ان جي جائزي لاءِ نگران حڪومت فواد حسن جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.

ذريعن موجب آمريڪا ۾ پي آءِ جي ملڪيتي هوٽل روزو ويلٽ به نجڪاري جي فهرست ۾ شامل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.