ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي اداڪارا يشما گل رشتو ڳولڻ لاءِ ميريج بيورو سان رابطو ڪرڻ جو انڪشاف ڪري ڇڏيو.
خانگي ٽي وي چينل جي شو ۾ ڳالهائيندي يشما گل ٻڌايو ته اڄ ڪالهه شادي لاءِ رشتو ڳولڻ هڪ ڏکيو ڪم لڳي ٿو، آئون سيٽ تي رڪارڊنگ ڪرائي رهي هيس ۽ ان وقت مون کي خيال آيو ته ڇو نه ميريج بيورو سان رشتي لاءِ رابطو ڪيو وڃي.
يشما گل ٻڌايو ته جڏهن آئون رابطو ڪري پنهنجو تعارف ڪرايو ته انهن کي يقين نه آيو ته آئون يشما گل ڳالهائي رهي آهيان، هنن وڊيو ڪال تي تصديق ڪرڻ کان پوءِ مون کان 8 لک رپيا ايڊوانس رقم گھري ۽ ٻڌايو ته ٻي رقم رشتو طئي ٿيڻ کان پوءِ ادا ڪرڻو پوندو.
اداڪارا شو ۾ اهو به ٻڌايو ته جيڪڏهن آئون اڄ هيروئن نه هجان ها ته ايئر فورس ۾ پائلٽ هجان ها. آئون وردي پهري ڪردار نڀائڻ چاهيان ٿي.