ڪورنگي جي علائقي مهراڻي ٽائون ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ورڪرز جي صدر ۽ جي ڊي اي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر علي عباسي جي مان ۾ عباسي هائوس تي ٽي پارٽي رکي وئي.
ان موقعي تي ٽي پارٽي جي ميزباني ڪندڙ محمد ابراهيم عباسي طرفان ڊاڪٽر صفر علي عباسي جي آجيان ڪري کيس سنڌ جي سوکڙي اجرڪ اوڍائي گُلن جي ورکا ڪئي وئي.
ٽي پارٽي جي پروگرام ۾ سماجي اڳواڻ باسط جاگيراڻي،صحافي نياز جوڳي، عباسي ڪلهوڙا اتحاد سان واسطو رکندڙ ايڊووڪيٽ زوهيب عباسي,اسماعيل عباسي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي ٽي پارٽي کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر صفدر علي عباسي جو چوڻ هو ته نااهل حڪمرانن مان جلد جان ڇٽي ويندي ماڻهن جو شعور ٻڌائي پيو ته جلد ووٽ جي طاقت سان اهل اميدوار آندا ويندا.
سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ بدامني بيروزگاري ۽ ٻيا بنيادي مثئلا وڌي ويا آهن جنهن جي مستقل حل لاءِ جي ڊي اي پنهنجو ڪردار ادا ڪندي.
پروگرام ۾ آيل سمورن اڳواڻن طرفان پارٽي کي فعال ڪرڻ جو وچن ڪيو ويو پڻ ڪيو ويو.
You might also like