ڪنڌڪوٽ: شهرين جو پي پي ايڇ آءِ وارڊ جي انتظاميا خلاف احتجاج

ڪنڌڪوٽ ۾ شهرين پي پي ايڇ آءِ نيوٽريشن وارڊ جي انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي.
شهرين فضل، فتاح محمد سبزوئي فضل عباس کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.
ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن الزام هڻندي چيوته نيوٽريشن وارڊ ۾ مقرر پي پي ايڇ آءِ ملازم ڪاظم ميراڻي شهرين سان بدڪلامي ڪندي ناجائزيون ڪري رهيو آهي.
هنن چيو ته اسان ڪمزور ٻارڙن جي خوراڪ لاءِ نيوٽريشن وارڊ ويندا آهيو پر سفارش کانسواءِ خوراڪ نه پئي ملي جڏهن ته خوراڪ عام دڪانن تي پيس عيوض وڪرو ڪئي پئي وڃي.
سندن چوڻ هو ته انتظاميا کي ثبوت به ڏنا آهن پر پوءِ به ڪارروائي نه پئي ٿي ڪاضم ميراڻي کي هٽائي فرض شناس عملدار کي مقرر ڪيو وڃي ته جيئن شهري دربدر ٿيڻ کان بچي سگھن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.