ڪريڪ ڊائون جو اثر، کنڊ جي اگهه ۾ وڏي لاٿ اچي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ذخيري اندوزن خلاف حڪومتي ڪريڪ ڊائون کانپوءِ کنڊ جي اگهه ۾ وڌيڪ لاٿ رڪارڊ ٿي آهي.
ڪراچي جي هول سيل مارڪيٽ ۾ کنڊ جو اگهه وڌيڪ گهٽجڻ کانپوءِ 152 رپيا في ڪلو ٿي ويو آهي، 10 ڏينهن دوران هول سيل مارڪيٽ ۾ کنڊ جو اگهه 26 رپيا گهٽجي ويو آهي.
ان کانسواءِ ريٽيل ۾ کنڊ جي قيمت 160 رپيا في ڪلو تي اچي وئي آهي، 10 ڏينهن ۾ في ڪلو کنڊ جي قيمت 30 رپيا گهٽ ٿي آهي.
هوڏانهن پشاور ۾ به في ڪلو کنڊ 190 رپين مان گهٽجي 160 رپين تائين اچي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.