لائيو نشريات دوران صحافڻ سان غير اخلاقي حرڪت ڪندڙ شخص گرفتار

اسپين ۾ لائيو ٽي وي نشريات دوران صحافڻ کي هراسان ڪندڙ شخص کي گرفتار ڪيو ويو.
صحافڻ عيسيٰ بلاد کي جنسي طور ان وقت هراسان ڪيو ويو، جڏهن هوءَ ميڊرڊ ۾ ڦر جي هڪ واقعي جي ڪوريج ۾ مصروف هئي.
عورت روڊ تي بيهي رپورٽنگ ڪري رهي هئي ته هڪ شخص پويان آيو ۽ کيس نامناسب انداز ۾ ڇُهيو، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي ۽ واهپيدار ان شخص کي اهڙي حرڪت ڪرڻ تي تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا آهن.

واقعي جي حوالي سان صحافڻ ٻڌايو ته ميزبان جي اصرار تي مان ان شخص کي ڪئميرا سامهون آندو، هن ويجهو اچي غير مناسب طريقي سان ڇهيو پر ان دوران مان پنهنجو ڪم جاري رکڻ جي ڪوشش ڪئي، پوءِ وري اهو شخص ٻيهر ڇُهڻ جي ڪوشش ڪندي هليو ويو.ان حوالي سان پوليس ٻڌايو ته سڌي ريت نشريات دوران عورت کي جنسي طور هراسان ڪندڙ شخص کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.