سعودي عرب ۾ ٻن فوجي آفيسرن جا سر قلم

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۾ ملڪ سان غداري ۽ پنهنجي حلف جي ڀڃڪڙي تي بچاءَ واري وزارت جي ٻن اهلڪارن کي موت جي سزا ڏني وئي آهي.
سعودي جي خابرو اداري موجب بچاءَ واري وزارت جي ٻنهي ڏوهارين ۾ پائلٽ ليفٽيننٽ ڪرنل ماجد بن موسي ۽ چيف سارجنٽ يوسف بن رضا شامل آهن.
ٻنهي کي ملڪ سان بغاوت، قانون جي حڪم جي ڀڃڪڙي، قومي ٻڌي پامال ڪرڻ ۽ ڏڦيڙ پکيڙڻ جي قدمن جي ڏوهه ۾ موت جي سزا ڏني وئي.
سعودي عرب جي بچاءَ واري وزارت ٻنهي جي حوالي سان سعودي پريس ايجنسي وڌيڪ ٻڌايو ته انهن کي فوجي طور حلت ٽوڙڻ جي حوالي لاڳو ٿيڻ جوڳن ضابطن تحت ۽ اسلامي قانون ۽ شرعي حڪمن موجب طائف ۾ موت جي سزا ڏني وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.