ٽيسلا ۽ اسپيس ايڪس جهڙين ڪمپنين جو مالڪ ايلون مسڪ 245 ارب ڊالرز جو مالڪ هجڻ سبب دنيا جو امير ترين شخص آهي.
ايلون مسڪ جي ڪاميابي جو راز ڇا آهي؟
ايلون مسڪ جي آتم ڪٿا لکندڙ صحافي Walter Isaacson ان جو سبب دنيا جي امير ترين شخص جي تڪراري خاصيتن کي قرار ڏنو آهي.
هڪ انٽرويو دوران هن ٻڌايو ته ايلون مسڪ پنهنجي جلد بازي ۾ ڪيل فيصلن ۽ تڪراري بيانن سبب سڃاتو ويندو آهي، پر ان لاپرواهه رويي سندس ڪمپنين جهڙوڪ ٽيسلا ۽ اسپيس ايڪس جي ڪاميابين يک يقيني بڻايو.
هن چيو ته ”هن ۾ باهه ٻارڻ واري صلاحيت آهي جيڪا ماڻهن کي ساڙيندي آهي، پر جيڪڏهن اوهان ان شيءِ کي هن کان ڌار ڪري ڇڏيو ته اوهان جي آڏو هو اها شخصيت نه رهندي جيڪا تخليقي ڪمن کي اڳتي وڌائيندي آهي.
اهو صحافي آتم ڪٿا لکڻ لاءِ ٻن سالن کان وڌيڪ عرصي تائين ايلون مسڪ سان گڏ رهيو هو.
سندس چوڻ هو ته خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رهندڙ ۽ دل جي هر ڳالهه زبان تي آڻڻ جهڙين خاصيتون ايلون مسڪ کي دنيا جو امير ترين شخص ۽ ڪامياب ترين ڪاروباري فرد بڻايو.
Walter Isaacson چيو ته انهن شين کي ايلون مسڪ جي خراب رويي جو جواز نٿو بڻائي سگھجي.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته ايلون مسڪ ۾ همدردي جو عنصر موجود ناهي ۽ هو ٻين ماڻهن جي پرواهه ناهي ڪندو، ڇو جو هن جي خيال ۾ ان جو ڪو به فائدو ناهي.
واضح رهي ته ايلون مسڪ جي آتم ڪٿا 12 سيپٽمبر تي وڪري لاءِ پيش ڪئي وئي هئي جنهن ۾ سندس زندگي جي مختلف رخن تي روشني وڌي وئي آهي.
You might also like