ڪراچي ۾ انڌي گولي لڳڻ سان اسڪول ويندڙ ٻارڙي مارجي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ انڌي گولي لڳڻ سبب والدين سان گڏ اسڪول ويندڙ ٻارڙي مارجي وئي.
صبح 7 وڳي ٻارڙي مريم ثاقب ان وقت مٿي ۾ گولي لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي، جڏهن هوءَ اسڪول وڃڻ لاءِ والدين سان گڏ گاڏي جي پوئين سيٽ تي ويٺي هئي، ٻارڙي کي زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هوءَ لاڏاڻو ڪري وئي.
پوليس شروعاتي بيان ۾ ٻڌايو ته امڪاني طور گولي روڊ جي ٻئي پاسي کان فائر ٿي، اتان ٽي اسٽال جي سيڪيورٽي گارڊ کي گرفتار ڪيو ويو آهي، پوليس کي شڪ آهي ته گارڊ جي رائفل مان هلندڙ گولي ٻارڙي کي لڳي.
ايس پي گلبرگ موجب گارڊ جو چوڻ آهي ته هن ڦورن تي فائرنگ ڪئي، گارڊ جي رائفل مان هلندڙ گولين جا خول تحويل ۾ ورتا ويا آهن.
هوڏانهن گورنر ڪامران ٽيسوري واقعي جو نوٽيس وٺندي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.