عورت وٽامن سمجهي ايئر پوڊ ڳِهي وئي!

آمريڪا ۾ 52 ورهين جي ٽڪ ٽاڪر عورت انڪشاف ڪيو آهي ته هن مڙس جي ايپل ايئرپوڊ کي وٽامن سمجهي کائي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب ريئلٽر ٽينا بارڪر پنهنجي دوست سان گڏ صبح جو گهمڻ نڪتي، ڳالهه ٻولهه ۾ مصروف عورت وٽامن حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ پنهنجي مڙس جي ايپل ايئرپوڊ کي شربت سان گڏ کائي وئي.
عورت ٻڌايو ته اڌ رستي تي مان وٽامن وٺڻ جو فيصلو ڪيو ته گهران وٽامنز کڻڻ ويس ۽ ان کي شربت سان گڏ پي ويس، پوءِ دوست کي الوداع چيو ته گوريون منهنجي هٿ ۾ هيون.
سندس موجب مان گهر پهتيس ته مڙس کي ان بابت ٻڌايو، جنهن تي هو چوڻ لڳو ته ان واقعي بابت ڪنهن کي نه ٻڌائجان پر مان پنهنجي فالوئرز سان اهو شيئر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
ايئر پوڊ کائڻ کانپوءِ هوءَ ڪيترن ئي ڊاڪٽرن وٽ وئي ته کيس ڊاڪٽرن قدرتي طور تي پنهنجي سسٽم مان گذرڻ جو مشورو ڏنو ۽ پوءِ ايئر پوڊ قدرتي نظام تحت حفاظت سان ٻاهر نڪري آيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.