حيدرآباد دکن (ويب ڊيسڪ) ڀارتي جي اڳوڻي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا اداڪارا ناديا جميل کي متاثر ڪندڙ شخصيت قرار ڏئي ڇڏيو.
مشهور ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا سماجي رابطن جي ويب سائيٽ (ٽوئيٽر) تي اداڪارا ناديا جميل لاءِ تعريفي پيغام پوسٽ ڪيو.
ثانيا مرزا جو چوڻ هو ته اوهان جي شخصيت حقيقت ۾ متاثر ڪندڙ آهي. آئون اوهان کي فالو ڪندي آهيان ۽ اوهان جيڪو به ڪجه ڪنديون آهن ان کي ڏسندي آهيان. اوهان زبردست آهيو.
You are so truly inspiring 💙 I’ve been following you and everything you do .. so so amazing 🤗 https://t.co/yRNBtXaTIF
— Sania Mirza (@MirzaSania) September 12, 2023
ثانيا مرزا جي تعريفي پوسٽ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.
اداڪارا ناديا جميل ٻارن جي حقن بابت سرگرم آهي ۽ ٻارن مدد ۽ بحالي جي ڪمن ۾ اڳڀري رهندي آهي. هن سوشل ميڊيا تي ٻارن جي جنسي استحصال ۽ انهن بابت ذاتي تجربن، صدمي ۽ پنهنجي جدوجهد بابت هڪ ڊگھي پوسٽ شيئر ڪئي هئي. ناديا جميل انڪشاف ڪيو هو ته ننڍپڻ ۾ هن گھريلو ملازمن هٿان جنسي هراساني کي منهن ڏنو هو.