ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سوئي ناردرن گيس ڪمپني پاران جاز تي الزام هنيو ويو آهي ته جاز پنهنجي ٽاورن ۾ گيس جو استعمال ڪري رهيو آهي.
ڪمپني جا سوين ٽاورز آهن جن ۾ بجلي فراهمي لاءِ مبينا گيس استعمال ڪئي وئي آهي.
ٻئي پاسي جاز جو چوڻ آهي ته سوئي ناردرن گيس ڪمپني پاران الزام هڻي اسان جي واهپيدارن ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد کي ۽ اسان جي ساک کي متاثر ڪيو ويو آهي.
جاز پاران الزامن کي رد ڪندي سوئي ناردرن گيس ڪمپني کي هرجاڻي جو نوٽيس موڪليو ويو آهي.
تنهن بعد هڪ ڀيرو ٻيهر سوئي ناردرن گيس ڪمپني جاز جي هرجاڻي جي نوٽيس جي جواب ۾ چيو آهي ته اسان ڇاپو هنيو هو ۽ ڪرڪ ۾ ٽاور تي گيس ٻار پئي وئي، قانون لاڳو ڪندڙ ادا به موجود هئا.