پاڪستان جو اڳوڻو ڪپتان محمد حفيظ ڀارت جي اڳوڻي ڪپتان ويرات ڪوهلي جي پاڪستان ٽيم خلاف ڪارڪردگي ڏسي کيس ساراهڻ کانسواءِ نه رهي سگهيو.
محمد حفيظ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي هڪ ڪلپ شيئر ڪئي جنهن ۾ هو ڪوهلي جي واکاڻ ڪري رهيو آهي.
Great player & absolute role model for new generation in cricket 🏏 world @imVkohli. Stay healthy & keep entertaining all of us for many more years to come… pic.twitter.com/A7SsRTzgII
— Mohammad Hafeez (@MHafeez22) September 12, 2023
محمد حفيظ چيو ته ويرات ڪوهلي جي جيتري ساراهه ڪجي گهٽ آهي، پر جيڪڏهن سندس کيڏڻ جي ٽيڪنيڪ جي ڳالهه ڪجي ته هو ٽيڪنيڪي لحاظ کان هڪ مضبوط رانديگر آهي.
اڳوڻي ڪپتان چيو ته ويرات فٽنس جي لحاظ کان ايترو فٽ آهي جو هو اوهان کي سڄي ميچ ۾ ڪٿي به ٿڪل محسوس نه ٿيندو، سندس ٽيڪينڪي شارٽ رينج تمام گهڻي مضبوط ٿي آهي.
سندس چوڻ هوته اسان هر واري ويرات ڪوهلي کي هڪ نئين ٽيڪنيڪ شارٽ رينج سان ميدان تي لهندو ڏسندا آهيون.
هن چيو ته ويرات ڪوهلي جي شارٽ رينج 10 سال پهريان مختلف، پنج سال پهريان مختلف ۽ اڄ جي دور ۾ مختلف آهي.
محمد حفيظ چيو ته ويرات ڪوهلي ڪرڪيٽ ۾ جدت سان گڏ پاڻ کي به تبديل ڪري رهيو آهي جنهن لاءِ هو جس لهڻي، ڇو جو هو مڃي ٿوته کيس اڃا وڌيڪ سکڻو آهي.