عورت جي پيٽ ۾ ڪيترن ئي سالن کان قينچي موجود، ڊاڪٽر حيران!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ طب جي شعبي جو هڪ انوکو ڪيس سامهون اچي ويو، سي ٽي اسڪين ۾ عورت جي پيٽ ۾ ڪيترن ئي سالن کان موجود قينچي ڏسي ڊاڪٽر دنگ رهجي ويا.
ڪراچي جي هڪ نجي ريڊيولاجي سينٽر ۾ سي ٽي اسڪين ۾ عورت جي پيٽ ۾ ڪيترن ئي سالن کان قينچي جي موجودگي جو انڪشاف ٿيو.
خبر پئي ته ڪيترائي سال اڳ عورت جي پيٽ ۾ آپريشن دوران ڊاڪٽرن قينچي ڇڏي ڏني هئي ۽ ڪيتري ئي عرصي کان عورت پيٽ جي سوڄ جو علاج ڪرائيندي رهي پر مسئلو حل نه ٿيو.
نجي ريڊيولاجي سينٽر جي سي اي او ڊاڪٽر وهاب موجب مان عورت جي رپورٽ ڏسي دنگ رهجي ويس، سي ٽي اسڪين ۾ عورت جي پيٽ ۾ قينچي نظر اچي رهي هئي، مان عورت جي فيملي کي صورتحال کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ کين رپورٽ فراهم ڪري وڌيڪ علاج جو فيصلو ڪيو ويندو.
هن چيو اسان مختلف ٽيسٽون ڪنداسين ته جيئن خبر پئي ته قينچي ٻين عضون کي ته متاثر ناهي ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.