ڀارت-سريلنڪا ميچ: مداحن ۾ جيهڙو، مارڪٽ، وڊيو ڏسو

ڪولمبو ( ويب ڊيسڪ) ايشيا ڪپ جي سُپر فور مرحلي دوران ڀارت هڪ سخت مقابلي کانپوءِ سريلنڪا کي 41 رنسن تان هارائڻ ۾ ڪامياب رهيو پر ميچ دوران ٻنهي ٽيمن جا شوقين آپي مان نڪري ويا.

سوشل ميڊيا تي هڪ ويڊيو تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ ٻنهي ٽيمن جي پرستارن کي مارڪٽ ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.

وڊيو ۾ سريلنڪن جرسي پهريل مداح کي ڀارتي فين ڏانهن ڊوڙندي ۽ پوءِ ٻنهي کي مارڪٽ ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.

وڊيو ۾ ڀرپاسي موجود ماڻهو ٻنهي ڌار ڌار ڪندي به نظر اچي رهيا آهن، وڊيو ۾ موجود خالي ڪرسيون به اِهو واضح ڪري رهيون آهن ته وڊيو ميچ کانپوءِ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

ايشيا ڪپ جي سُپر فور مرحلي ۾ ڀارت سريلنڪا کي 41 رنسن تان شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.