ڪراچي: مختلف تنظيمن ۽ سول سوسائٽي جو افضل لنڊ جي قتل خلاف احتجاج

ٽنڊو آدم ۾ هٿياربندن هٿان قتل ٿي ويل نوجوان افضل لنڊ جي قتل واري واقعي خلاف ڪراچي ۾ سنڌ سجاڳي فورم، وائس فارم مسنگ پرسنز سنڌ ۽ سول سوسائٽي احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي.
ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندڙن الاهي بخش، زاھد کوسو، وڪيل خليل انصاري ۽ ٻين عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته شهيد افضل لنڊ کي موتمار ڌمڪيون ملنديون هيون، جن بابت هن سوشل ميڊيا تي به پوسٽ ڪئي هئي.نمبر ٽريس ڪري سندس قاتلن کي گرفتار ڪري سگھجي ٿو.
احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوجوان جي قتل جو نوٽيس وٺي سندس خون سان انصاف ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.