ڏهرڪي ۾ سيپڪو ٽيم مختلف علائقن ۾ بجلي چورن خلاف آپريشن ڪندي 50 کان وڌيڪ ڪنڊا ڪاٽي ڇڏيا جڏهن ته چئن ڄڻن خلاف بجلي چوري جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
ڏھرڪي سيپڪو ڊويزن جي ايس ڊي او اظھر علي پٺاڻ ميڊيا کي ٻڌايو تہ ڏھرڪي جي سنيما روڊ, ميان سميع محلو، شريف ڪالوني سميت ٻين علائقن ۾ بجلي چورن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو ويو آھي. آپريشن دوران 50 جي لڳ ڀڳ ڪنڊا ڪنيڪشن ڪاٽيا ويا آهن، وڏن بجلي چورن ۽ ڊفالٽرن جون لسٽون تيار ڪيون ويون آھن جن کي جلد سوگھو ڪري قانون جي گرفت ۾ آندو ويندو.
ٻي پاسي ڏھرڪي پوليس ايس ڊي اي ڏھرڪي جي فرياد تي چئن ڄڻن خلاف بجلي چوري ۽ ڊيوٽي اٽڪاءَ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
ڏهرڪي: بجلي چورن خلاف ڪارروائي، 50 کان وڌيڪ ڪنڊا ڪاٽيا ويا، چئن ڄڻن خلاف ڪيس داخل
You might also like