70 کان وڌيڪ واڳون فارم مان ڀڄي ويا، شهرين کي گھرن ۾ رهڻ جي هدايت

گوانگ ڊونگ (ويب ڊيسڪ) چين ۾ اختيارين خبردار ڪيو آهي ته ڏکڻ چين ۾ طوفاني برساتن کان پوءِ تقريبن 70 کان وڌيڪ واڳون هڪ فارم مان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن.
ميڊيا رپورٽس موجب تيز برساتن ڏکڻ چين ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي ۽ خطي ۾ ڪيترائي ماڻهو به فوت ٿيا. انهيءَ دوران اولهه گوانگ ڊونگ صوبي جي شهر مائومنگ ۾ اختيارين رهواسين کي خبردار ڪيو آهي ته هو گھرن ۾ رهن ڇو جو 70 کان وڌيڪ واڳون سڄي شهر ۾ پکڙجي چڪا آهن.
ميڊيا هڪ ايمرجنسي سيڪيورٽي اهلڪار جي حوالي سان ٻڌايو ته ڪيترائي بالغ ۽ نابالغ واڳون ڀڄي ويا آهن جن ۾ ڪجهه کي پڪڙيو ويو آهي پر هڪ ڍنڍ جي گهرائي سبب اهو آپريشن ڏکيو ٿي رهيو آهي.
وڌيڪ اهو ته اڃا تائين ڪنهن حادثي يا شهري جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع ناهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.