ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي گلشن حديد ۾ اسڪول پرنسپال خلاف ٻن متاثر عورتن بيان رڪارڊ ڪرائي ورتا.
جڊيشل مئجسٽريٽ ملير جي عدالت ۾ اسڪول جي پرنسپال طرفان عورتن سان مبينا زيادتي جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، پوليس جسماني رمانڊ مڪمل ٿيڻ تي اسڪول پرنسپال کي عدالت ۾ پيش ڪيو.
ٻه متاثر عورتون به عدالت ۾ پيش ٿيون، جاچ آفيسر بيان قلمبند ڪرڻ جي درخواست ڪئي، جنهن تي ٻنهي متاثر عورتن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا.
هڪ متاثر عورت ٻڌايو ته جوابدار عرفان مون کي ملازم جو ڏٽو ڏنو ۽ وڊيو ٺاهي بليڪ ميل ڪيو.
جاچ آفيسر عدالت ۾ مبينا وڊيوز تي ٻڌل يو ايس بي پڻ پيش ڪئي، جڏهن ته عدالت جوابدار جي جسماني رمانڊ ۾ 4 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي.
You might also like