بجلي تي هلندڙ نيون موٽرسائيڪلون اچي ويون، هڪ منٽ ۾ چارج

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اليڪٽرڪ موٽرسائيڪل ۽ توانائي تي ڪم ڪندڙ ڪمپني ”زيڊ واءِ پي ٽيڪنالوجيز“ اعلان ڪيو آهي ته ان پاڪستان ۾ اليڪٽرڪ موٽرسائيڪلز بڻائڻ لاءِ 1.2 ملين ڊالرز جي سيڙپڪاري حاصل ڪري ورتي آهي.
زيڊ واءِ پي ٽيڪنالوجيز نالي ان اسٽارٽ اپ جو اسمبلي پلانٽ لاهور ۾ آهي جنهن ۾ هر سال 8000 اليڪٽرڪ موٽرسائيڪلون تيار ڪري سگھجن ٿيون.
ان جي اينرجي ڊويزن اسلام آباد ۾ آهي، جنهن جي ذريعي اها بيٽري-ايس-اي-سروس (BaaS) فراهم ڪئي ويندي آهي.
اسٽارٽ جو چوڻ آهي ته هو ڳرين قيمتن، ڊگھي مفاصلي ۽ چارجنگ ٽائيم جي مسئلن کي حل ڪرڻ چاهي ٿي.
زيڊ واءِ پي جي ترجمان ٻڌايو ته ڪمپني جو مقصد اليڪٽرڪ موٽرسائيڪلون تيار ڪرڻ آهي.
هنن ٻڌايو ته زيڊ واءِ پي جي موٽرسائيڪل ٻارڻ جي لاڳت ۾ 70 سيڪڙو تائين گھٽتائي ۽ فضائي گدلاڻ پکيڙيندڙ مواد کي ختم ڪري سگھي ٿي.
هن ٻڌايو ته اليڪٽرڪ بيٽريون سوارن لاءِ تڪليف ڏيندڙ ٿي سگھن ٿيون. بيٽري جيڪا سروس جي طور تي سوار جي استعمال جي لحاظ کان سبسڪرپشن جي مختلف درجن تي پيش ڪئي ويندي آهي، ان مسئلي کي حل ڪرڻ م مدد ڪري ٿي.
سندس چوڻ هو ته بيٽري کي چارج ٿيل بيٽري سان تبديل ڪرڻ فيل اسٽيشن تي پيٽرول لاءِ بيهڻ جي برابر آهي.
ڪمپني موٽرسائيڪلن جا مختلف قسم پيش ڪري رهي آهي جن جي قيمت 150،000 ؛ان 450،000 رپين جي وچ ۾ آهي.
ڪمپني پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته ان جي مقامي طور تي تيار ڪيل چارجنگ اسٽيشن موٽرسائيڪلن کي 60 سيڪنڊن جي اندر اندر چارل ڪندي.

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.