اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ وفاقي حڪومت طرفان کنڊ جو اگهه مقرر ڪرڻ بابت ڪيس ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ کي 30 ڏينهن ۾ ڪيس جو فيصلو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
سپريم ڪورٽ ۾ کنڊ جو اگهه مقرر ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس اعجاز الاحسن جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ڪئي.
ٻڌڻي دوران شگر ملز جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس 20 سيپٽمبر تي مقرر آهي.
ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان چيو ته عدالت کنڊ جو اگهه مقرر ڪرڻ تي منع نامو ڏنو هو، هاءِ ڪورٽ ۾ انٽرا ڪورٽ اپيل تي فيصلو آهي ته کنڊ جو اگهه مقرر ڪرڻ وفاق جو اختيار آهي، لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪنهن چئلينج نه ڪيو.
جسٽس اعجاز الاحسن چيو هاءِ ڪورٽ ۾ اڃا معاملو ٻڌڻي هيٺ آهي ته ان تي فيصلو ڪيئن ڪري ڇڏيون؟ اڳ ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ کي ان معاملي تي فيصلو ڪرڻ ڏيو.
ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته کنڊ جو اگهه 98 رپيا مقرر آهي ۽ شگر ملز مالڪ 200 رپين ۾ وڪرو ڪري رهيا آهن.
جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته جيڪڏهن اگهه مقرر ڪرڻ جو قانون ڪالعدم ٿي وڃي ٿو ته معاملو ئي ختم ٿي ويندو.
ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته شگر ملز وارا نه پنجاب حڪومت جي مقرر اگهه کي تسليم ڪن ٿا نه وفاق جي.
جسٽس اعجاز الاحسن چيو لاهور هاءِ ڪورٽ کي حڪم ڏئي رهيا آهيون ته 20 سيپٽمبر کان روز جي بنياد تي ٻڌڻي ڪري فيصلو ڪري.
Next Post
You might also like