بُري خبر، ايشيا ڪپ بعد ٻيو اهم ايونٽ به پاڪستان ۾ نه ٿيندو

انٽرنيشنل هاڪي فيڊريشن پاڪستان کان اولمپڪ ڪواليفائر ايونٽ جي ميزباني کسي ورتي.

ميڊيا رپورٽن موجب، آءِ ايف ايڇ پاڪستان هاڪي فيڊريشن کي آگاهه ڪيو آهي ته حڪومت ۽ اسپورٽس بورڊ جي سهڪار نه ڪرڻ تي ميزباني نٿي ڏئي سگهجي.

آءِ ايف ايڇ چيو آهي ته انٽرنيشنل ايونٽ ڪرائڻ لاءِ حڪومت جي سپورٽ جي ضرورت هوندي آهي.

ياد رهي ته اولمپڪ، هاڪي ڪواليفائنگ رائونڊ ايندڙ سال جنوري ۾ لاهور ۾ شيڊيول هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.