”ڇا هي پاڪستاني ڊرامو آ“ ننڍي عمر جي ڇوڪري کي پرڻائڻ ۽ ڳورهاري ڏيکارڻ تي ٿرٿلو

ننڍي عمر جي شادي جي موضوع تي ٺهيل ڊرامي ”مائي ري“ ۾ ننڍي عمر جي زال کي ڳورهاري ڏيکارڻ تي سوشل ميڊيا واهپيدار ڪاوڙ جو اظهار ڪري رهيا آهن.
”مائي ري“ ۾ عينا آصف ننڍي عمر جي زال جو ڪردار ادا ڪيو آهي، جڏهن ته سندس مڙس جو ڪردار ثمر عباس ادا ڪيو آهي ۽ ٻنهي جي حقيقي عمر به 15 سالن تائين آهي.
ڊرامو ننڍي عمر جي شادين جي خلاف آهي ۽ اهو پيغام ڏنو پيو وڃي ته نابالغ ڇوڪرين جون شاديون ڪيئن سندن زندگيون تباهه ڪري ڇڏينديون آهن.
توڙي جو ڊرامي ۾ اڳ ئي عينا آصف ۽ ثمر عباس جي شادي کي ڏيکاريو ويو آهي پر ٻنهي کي نوجوان جوڙي جي صورت ۾ رومانوي انداز ۾ به ڏيکاريو ويو آهي.
ڊرامي جي 11 سيپٽمبر تي نشر ٿيندڙ چاليهين قسط ۾ عينا آصف کي ڳورهاري ڏيکاريو ويو، جنهن تي ڪيترن ئي واهپيدارن حيراني جو اظهار ڪندي ڊرامي جي ڪهاڻي ۽ اداڪارا تي به تنقيد ڪئي.
قسط ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته عينا آصف جي مڙس ۽ ماءُ کي ڊاڪٽرياڻي ٻڌائي ٿي ته ڇوڪري ڳورهاري آهي، گڏوگڏ هوءَ عينا جي گهر ڀاتين جي ڇنڊ به پٽي ٿي ته توهان ايڏي ننڍي عمر ۾ شادي ڇو ڪرائي؟
ڊرامي ۾ ننڍي عمر ۾ عينا کي ڳورهاري ڏيکارڻ تي واهپيدار ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چئي رهيا آهن ته ننڍي ڇوڪري کي ڳورهاري ڏيکارڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟
ڪجهه واهپيدارن عينا آصف ۽ سندس والدين تي به تنقيد ڪئي ۽ چيو ته هنن پنهنجي ڌيءَ کي اهڙو ڪردار ادا ڪرڻ جي اجازت ڇو ڏني؟
ڪجهه سوشل ميڊيا واهپيدارن چيو ان ڳالهه سان ڪو فرق نٿو پئي ته آخري قسط ۾ ڇا ڏيکاريو ويندو پر ننڍي عمر ۾ شادي ۽ ٻار پيدا ڪرڻ غلط فيصلو آهي ۽ ڊرامي ۾ ننڍي عمر جي ڇوڪري کي ڳورهاري ڏيکارڻ غلط آهي.
واهپيدارن لکيو ڀلي ان سان ڊرامي جي ريٽنگ سٺي ٿيندي پر ڊرامي سازن جو دماغ ڪم نٿو ڪري جو اهي اهڙا منظر ڏيکاري رهيا آهن؟ اهو سڀ ڪجهه پاڪستاني ڊرامن ۾ ڏيکاريو پيو وڃي؟
ڪجهه واهپيدارن ان ڳالهه جي به نشادهي ڪئي ته ننڍي عمر ۾ شادي ڪندڙ جوڙي کي رومانوي انداز ۾ پيش ڪيو ويو، جنهن سان ماڻهو متاثر ٿي سگهن ٿا ۽ اهي به اهو ڪم ڪري سگهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.