حارث رئوف جي طبي رپورٽ اچي وئي

ڪولمبو ( ويب ڊيسڪ ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر حارث رئوف جي ايم آر آءِ رپورٽ هاڪاري اچي وئي جڏهن ته نسيم شاهه جي رپورٽ جو انتظار آهي.

ذريعن موجب، قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ميڊيڪل پئنل فاسٽ بالر حارث رئوف ۽ نسيم شاهه جي انجري جو معائنو ڪيو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته نسيم شاهه جي ايم آر آءِ رپورٽ اڃا تائين ناهي آئي، رپورٽ ڏسڻ بعد نسيم شاهه جي انجري جو جائزو ورتو ويندو جڏهن ته حارث رئوف جي ايم آر آءِ رپورٽ هاڪاري آئي آهي.

ذريعن موجب، ٻنهي بالرن متبادل شاهنواز ڏاهاڻي ۽ زمان خان سڀاڻي ڪولمبو پهچندا، پي سي بي اي سي سي کي ٻنهي رانديگرن کي متبادل طور شامل ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.