” ڀارت سيکاري ڇڏيو ته ڪرڪيٽ ڪيئن کيڏبي آهي“

ڪولمبو ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ گرانٽ بريڊ برن ڀارت هٿان پاڪستان جي شڪست کي سبق قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

سومر ڏينهن ايشيا ڪپ جي سپر فور مرحلي ۾ ڀارت پاڪستان کي 228 رنسن جي وڏي مارجن تان شڪست ڏني، ڀارت جي 356 رنسن جي جواب ۾ قومي ٽيم 32 اوورن ۾ رڳو 128 رنسون ٺاهي سگهي، پاڪستان خلاف ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ ڀارت جي اِها سڀ کان وڏي فتح آهي.

ميچ کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي گرانٽ بريڊ برن ان ميچ ۾پاڪستان جي ڪمزورين بابت خيالن جو اظهار ڪيو .

هيڊ ڪوچ چيو ته ان شڪست جو دفاع ڪرڻ لاءِ ڪو بهانو نه بڻائينداسين، جيڪي موقعا اسان وڃايا ان تي نظرثاني ڪنداسين پر ذاتي طور تي منهنجو خيال آهي ته گذريل ٻن ڏينهن دوران جيڪو ڪجهه اسان سان ٿيو اِهو هڪ تحفو آهي.

پنهنجي ڳالهه جي وضاحت پيش ڪندي گرانٽ بريڊ برن چيو ته اسان ان تحفي لاءِ ٿورائتا آهيون، ڇاڪاڻ ته ورلڊ ڪپ کان اڳ ان اسٽيج تي ڀارت سان کيڏڻ اسان لاءِ سٺو موقعو آهي، اسان کي اهڙو موقعا تمام گهٽ ملندا آهن ته ڀارت جي نمبر ون رانديگرن خلاف کيڏون.

هن چيو ته ايشيا ڪپ جي ڪنڊيشنز ورلڊ ڪپ جي ڪنڊيشنز سان ملندڙ جلندڙ آهن، تنهنڪري اسان لاءِ سکڻ جو سٺو موقعو آهي.

بريڊ برن چيو ته اسان گذريل ٽن ميهنن دوران ڪا ميچ ناهي هارائي، ڀارت هٿان شڪست اسان لاءِ سبق آهي ته اسان جڏهن ميدان ۾ هجون تڏهن پاڻ کي مڪمل ۽ ڀرپور تيار رکون ۽ پنهنجي طرفان سئو سيڪڙو ڏيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.