ڪراچي ۾ غير قانوني طور رهندڙ افغانين خلاف وٺ پڪڙ، 65 گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ غير قانوني طور رهندڙ افغان شهرين خلاف آپريشن جاري آهي ۽ مختلف ٿاڻن جي حدن مان وڌيڪ 65 افغاني شهرين کي گرفتار ڪيو ويو.
ڪراچي ۾ غير قانوني طور رهندڙ افغانين خلاف آپريشن نيو ٽائون، مبينا ٽائون، گلستان جوهر، بلوچ ڪالوني، سچل، ايئرپورٽ ۽ شرافي ڳوٺ ٿاڻن جي حدن ۾ ڪيو ويو.
پوليس طرفان ڪيل ڪارروائي ۾ 65 افغان شهرين کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته ٻن ڏينهن دوران پوليس هٿان گرفتار افغانين جو انگ ڏيڍ سئو کان وڌي ويو آهي.
غير قانوني طور رهندڙ افغانين کي گرفتار ڪري فارن ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته وڌيڪ جاچ جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.