برياني سان گڏ اضافي رائتو گھرڻ تي شهري قتل

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي شهر حيدرآباد ۾ مشهور برياني جي دڪان تي شهري کي برياني سان گڏ اضافي رائتو گھرڻ تي قتل ڪيو ويو.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽس موجب آچر جي رات جو ڀارتي شهر حيدرآباد ۾ 32 سالن جو شخص لياقت پنهنجن دوستن سان گڏ شهر ۾ موجود مشهور برياني جي دڪان تي ويو.
پر لياقت ويٽر کان برياني سان گڏ اضافي رائتو گھريو، هن جي درخواست تي ويٽر کيس انڪار ڪري ڇڏيو جنهن تي ٻنهي وچ ۾ بحث شروع ٿيو جيڪو بعد ۾ جهيڙي ۾ تبديل ٿي ويو.
ڀارتي ميڊيا موجب جيئن ئي جهيڙو شروع ٿيو ته لياقت جي دوست ۽ دڪان جو ٻيو عملو به وچ ۾ اچي ويو ۽ ٻنهي ڌرين هڪ کي مارڻ شروع ڪري ڇڏيو.
اها شڪايت پوليس تائين پهچي وئي پر ان دوران تشدد سبب لياقت کي ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي ٿيڻ جنهن تي کيس اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ته هن رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو.
پوليس لياقت جي لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، ڊاڪٽرز امڪان ظاهر ڪيو آهي ته موت جو سبب امڪاني طور تي دل جو دورو آهي پر حتمي سبب رپورٽ سامهون اچڻ کان پوءِ خبر پئجي سگھندو.
پوليس جو چوڻ هو ته واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.