اينٽي بائيوٽڪ ڪيپسول مان نَنهن نڪري آيا

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست ميگهاليا ۾ اينٽي بائيوٽڪ ڪيپسول ۾ نَنهن جي موجودگي انتظاميا جي ڪارڪردگي تي سوال اٿاري ڇڏيا.
ڀارتي ميڊيا موجب هڪ عورت پنهنجي 12 ورهين جي ڌيءَ جي علاج لاءِ پوملم پرائمري هيلٿ ڪيئر سينٽر (پي ايڇ سي) ۾ وئي جتي کيس ڊاڪٽر اينٽي بائيوٽڪ جا ڪيپسول تجويز ڪيا.
عورت پنهنجو نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته دوا جي دٻي ۾ اينٽي بائيوٽڪ جا 10 ڪيپسول موجود هئا جن مان ٻه ننهن نڪتا.
ميڊيا رپورٽس موجب عورت ٻڌايو ته هن نَنهن جي موجودگي تي پوليس کي به شڪايت داخل ڪئي آهي ۽ لاپرواهي ڪندڙن خلاف سخت ايڪشن وٺڻ جو به چيو آهي.
ٻي پاسي واقعي جي خبر پوندي ئي رياست جي صحت واري وزير طرفان واقعي جي جاچ لاءِ هڪ ميڊيڪل ٽيم جوڙي جنهن جي سربراهي سينيئر ماهرن ۽ کاتي جي هڪ انسپيڪٽر آف ڊرگس ڪئي.
صحت واري وزير موجب ميڊيڪل ٽيم پي ايڇ سي ۾ پهچي ڏٺو ته ڪيپسول ۾ ننهن موجود آهن جيڪي ڪيپسول کان به وڏا آهن، وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ٻين ڪيپسولن کي به چيڪ ڪيو ويو پر وڌيڪ ڪنهن به ڪيپسول مان ننهن نه نڪتا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.