”افغانستان ۾ دهشتگردن وٽ پهتل آمريڪي هٿيار اسان جي ڪچي تائين پهچي چڪا آهن“

سکر (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ملڪ ۾ هن وقت هر ڪنهن لاءِ ليول پليئنگ فيلڊ ناهي ۽ اهو ئي منهنجو اعتراض آهي.
سکر ۾ صحافين سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪ کي هلائڻ جو پراڻو طريقو ڇڏيو وڃي، پنهنجي رياست ۽ شهيدن سان انصاف ڪيو.
هن چيو ته افغانستان ۾ آمريڪي هٿيار دهشتگردن وٽ پهچي چڪا آهن، اهي هٿيار نه رڳو خيبر پختونخواهه پر اسان جي ڪچي جي علائقي تائين به پهچي چڪا آهن، دهشتگرد ٻيهر ڪَر کڻي رهيا آهن.
سندس موجب جڏهن افغان حڪومت ٺهي رهي هئي ته دهشتگرد افغان جيلن مان فرار ٿي هتي آيا، پي ٽي آءِ جي دور ۾ انهن دهشتگردن کي ٻيهر آباد ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو ويو، ڇا جنرل فيض ۽ تحريڪ انصاف چيئرمين کي اندازو نه هو ته جن دهشتگردن کي آباد ڪيو ويندو، انهن کي ڪراچي پهچڻ ۾ ڪيترو عرصو لڳندو؟
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته غلط فيصلو ڪندڙ جيڪڏهن سياستدان آهن ته انهن جو احتساب عوام ڪندو، جيڪڏهن غلط فيصلو ڪندڙ ٻئي اداري جا ماڻهو هئا ته ادارو انهن جو احتساب ڪري، انهن دهشتگردن جي واپسيءَ جي ڪهاڻي کلڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.