اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) نگران وزيرِ اعظم انوار الحق ڪاڪڙ سان مسيحي برادري جي وفد ملاقات ۽ جڙانولا سانحي تي وقت سر قدم کڻڻ تي ٿورا مڃيا آهن.
وفد سان ڳالهائيندي وزيرِ اعظم چيو ته سموري رياستي مشينري اقليتن جي حقن ۽ تحفظ جي حوالي سان ساڻن گڏ بيٺي آهي.
هن چيو ته پاڪستان ۾ اقليتن کي تمام بنيادي حق حاصل آهن ۽ اسان جو آئين ذات پات، رنگ ۽ نسل جي فرق کانسواءِ سمورن شهرين کي سماجي مذهبي، سياسي ۽ معاشي حق ڏئي ٿو.
هن چيوته جڙانولا واقعي جي ذميوارن کي عبرت جو نشان بڻايو ويندو ، اقليتي برادري پنهنجا وسيلا ۽ تجويز حڪومت تائين پهچائي، جيترو ممڪن ٿيو مسئلا حل ڪنداسين.
هن چيو ته اقليتي براداري پاڪستاني افرادي قوت جو بنيادي حصو آهي جنهن جو پاڪستان جي ترقي ۾ هڪ اهم ڪردار آهي.
وزيرِاعظم ان ڳالهه تي زور ڏيندي چيو ته هڪٻئي جي عقيدي جي احترام سان ئي پُرامن ۽ خوشحال معاشرو جڙي سگهي ٿو، انتها پسندي کي ختم ڪرڻ لاءِ سمورين ڌرين کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.