واٽس ايپ ۾ جلد اهڙو فيچر شامل ٿيڻ وارو آهي جنهن جو واهپيدارن تصور ئي نه ڪيو هو.
يورپي يونين جي ڊجيٽل مارڪيٽس ايڪٽ تي عملدرآمد لاءِ ٿرڊ پارٽي چيٽ آپشن جي آزمائش ڪئي پئي وڃي.
اهو واٽس ايپ جو اهڙو فيچر آهي جنهن جي ذريعي واهپيدار ٻين ميسيجنگ ايپس جهڙوڪ ٽيليگرام ۽ سگنل وغيره تي به دوستن سان چيٽ ڪري سگھندا.
رپورٽ موجب اينڊرائڊ ڊوائسز لاءِ واٽس ايپ جي بيٽا ورجن 2.23.19.8 ۾ ان فيچر جو اشارو ڏنو ويو آهي.
في الحال بيٽا ورجن ۾ به ان فيچر تائين پهچ ممڪن ناهي ۽ ان تي اڃا ڪم جاري آهي.
يورپ ۾ واٽس ايپ ۽ فيسبڪ ميسينجر مشهور ترين ميسيجنگ پليٽ فارمز آهن پر نئين يورپي قانون تحت ٽيڪنالوجي ڪمپنين کي چيٽ انٽرپورٽ ايبلٽي کي ممڪن بڻائڻو پوندو.
واٽس ايپ سان گڏوگڏ ميٽا طرفان فيسبڪ ميسينجر ۾ به ڪراس پليٽ فارم ميسيجنگ جي فيچر کي متعارف ڪرائڻ لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي.
واضح رهي ته ڊجيٽل مارڪيٽس ايڪٽ تحت وڏين ٽيڪنالوجي ڪمپنين جهڙوڪ ايمازون، ميٽا، ايپل، مائڪرو سافٽ ۽ الفابيٽ کي گيٽ ڪيپر قرار ڏيندي نئين قانون تي عملدرآمد لاءِ اپريل 2024ع جي مهلت ڏني وئي آهي.
ان نئين ايڪٽ تحت ميسيجنگ سروسز کي ڪراس پليٽ فارم ميسيجنگ جي فيچر کي يقيني بڻائڻو پوندو.