هاڻي گھر ويٺي گاڏين جا ڪاغذ ٺهرايو!

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي ايڪسائيز کاتي ڊجيٽل ٽيڪنالوجي کي اپنائيندي عوام کي وڏي سهولت فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، هاڻ گھر ويٺي نئين گاڏي جي رجسٽريشن ڪرائڻ جي سهولت حاصل هوندي.
ڊي جي ايڪسائز جو چوڻ هو ته عوام نئين گاڏي جي رجسٽريشن گھر ويٺي ڪرائي سگھندو. موٽر وهيڪل ٽيڪس ۾ ڪيش ادائگي ختم ڪئي وئي آهي. هاڻ سموريون ادائگيون بينڪ يا ٽيليڪام چينل ذريعي ٿي سگھنديون.
هن چيو ته نئين ڪمپيوٽرائزڊ ايپ سڀاڻي کان مرحليوار لانچ ڪئي ويندي. گاڏي جي رجسٽريشن لاءِ ايڪسائز اهلڪار مالڪ وٽ پاڻ ويندا.
سندس چوڻ هو ته اصل فائل ۽ سمارٽ ڪارڊ مالڪ جي گھر پهچايو ويندو. هاڻ گاڏي ۽ مالڪ جو ڊيٽا بهتي طور تي محفوظ رکي سگھبو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.