وياج وڌائڻ سميت پيٽرول مهانگو ڪرڻ جون تياريون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيٽرول جي اگھن کي 300 رپين کان وڌي گھڻو وقت ناهي ٿيو ۽ هاڻ وري پيٽروليم شين جي اگھن ۾ اضافي جون خبرون سامهون اچي رهيون آهن.
حڪومت 31 آگسٽ تي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي هئي جنهن کان پوءِ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت 300 رپيا في ليٽر کان وڌي وئي هئي.
ان اضافي وقت پيٽرول جي بنيادي قيمت يا ايڪس رفائنري قيمت 232.36 رپيا في ليٽر هئي. پر عالمي منڊي ۾ تيل جو قيمتون وڌڻ ۽ ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپئي جو قدر ڪِرڻ سبب هاڻ پيٽرول جي ايڪس رفائنري قيمت 238.29 رپيا ۽ ڊيزل جي 237.61 رپيا ٿي وئي آهي.
حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل تي ليوي به وصول ڪندي آهي جڏهن ته مختلف قسمن جا ٻيا مارجنز به ورتا ويندا آهن جن ۾ پيٽروليم ڊيلرز جو مارجن شامل آهي. اقتصادي رابطا ڪميٽي خميس ڏينهن پيٽروليم ڊيلرز جي مارجن ۾ 1.64 رپيا في ليٽر اضافي جو منظوري ڏئي ڇڏي هئي.
ان صورتحال سبب پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت 16 سيپٽمبر کان وڌيڪ وڌڻ جو خدشو آهي.
اطلاع آهن ته پيٽرول جي قيمت ۾ 9 رپيا 70 پيسا جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ 11 رپيا اضافو ٿي سگھي ٿو.
پيٽرول جي قيمت ۾ واڌ سان گڏ مهانگائي وڌڻ جو به خدشو آهي. عام طور تي حڪومتون مهانگائي روڪڻ لاءِ وياج جي شرح وڌائي ڇڏينديون آهن.
پاڪستان ۾ گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان اها خبر گردش ڪري رهي آهي ته اسٽيٽ بينڪ جي مانيٽري پاليسي ڪميٽي 14 آگسٽ تي پنهنجي اجلاس ۾ وياج جي شرح 200 بيسز پوائنٽ وڌائي ڇڏيندي جنهن جي نتيجي ۾ اها شرح 24 سيڪڙو تائين پهچي ويندي.
اسٽيٽ بينڪ پنهنجي هڪ تازي بيان ۾ اهڙين خبرن جي ترديد ڪئي هئي پر خميس ڏينهن هڪ ٻئي بروڪر هائوس رپورٽ ڏني ته وياج جي شرح وڌندي.
بزنس رڪارڊز موجب ٽاپ لائين سيڪيورٽيز جو چوڻ آهي ته وياج جي شرح 200 بيسز پوائنٽ وڌڻ کان پوءِ 24 سيڪڙو تي پهچي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.