ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مڪاني ادارن واري کاتي صوبي جي 19 کاتن کي اهم خط لکيو آهي.
خط ۾ صوبائي کاتن کان عدالتي حڪم تي جاري جاچ کي منهن ڏيندڙ آفيسرن جو رڪارڊ گهريو ويو آهي.
خط ۾ چيو ويو آهي ته نيب ڪيسز کي منهن ڏيندڙ آفيسرن جو رڪارڊ ڏنو وڃي.
کاتي کي موڪليل خط ۾ چيو ويو آهي ته ادارن سان پلي بارگين ڪندڙ آفيسرن جا تفصيل به ڏنا وڃن.
انهن کاتن ۾ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي، سنڌ سالڊ ويسٽ، ڪراچي ڊيولپمينٽ اٿارٽي، ملير ڊيولپمينٽ اٿارٽي شامل آهن.
خط ۾ حيدرآباد، لياري ۽ سيوهڻ ڊيولپمينٽ اٿارٽيز، واٽر ڪارپوريشن ۽ ميئرز کان به تفصيل طلب ڪيا ويا آهن.
ڪارروائي نگران وزير جي هدايت تي ڪئي وئي آهي.