ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪي اليڪٽرڪ هاءِ ٽينشن لائن ۾ ٽرپنگ سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي بند ٿي وئي آهي، ڪي اليڪٽرڪ جا 4 سئو کان وڌيڪ فيڊرز ٽرپ ٿي ويا آهن.
ڪراچي جي علائقي شادمان، نيو ڪراچي، ناظم آباد، بلديا، ڪيماڙي ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي.
ڪي اليڪٽرڪ جو چوڻ آهي ته ڪجهه علائقن ۾ بجلي هلي رهي آهي، ڪي اليڪٽرڪ جو سسٽم هلي رهيو آهي.
ڪي اليڪٽرڪ ترجمان موجب عارضي فالٽ کي فوري بحال ڪيو ويو آهي.