لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سنڌ پريميئر ليگ جي اجازت ڏئي ڇڏي ان حوالي سان اين او سي به جاري ڪئي وئي آهي.
سنڌ جي اڳوڻي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه پي سي بي جي هيڊ آفيس ۾ پي سي بي مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين ذڪا اشرف سان ملاقات ڪئي.
پي سي بي جي هيڊ آفيس ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان رڪيل اين او سي جاري ڪئي وئي آهي.
ناصر شاهه چيو ته سنڌ پريميئر ليگ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن موجب منعقد ڪرائي وئي آهي. ايس پي ايل منعقد ڪرڻ سان يقيني طور تي سنڌ جي راندين جي تاريخ ۾ هڪ نئين بابت جو اضافو ٿيندو.
واضح رهي ته سنڌ پريميئر ليگ سنڌ جي حوالي سان وڏو ڪرڪيٽ ايونٽ آهي ان سلسلي ڪراچي ۽ سکر ۾ ٽيمن جا ٽرائل ٿي چڪا آهن ۽ ان ۾ 6 ٽيمون حصو وٺنديون جن ۾ لاڙڪانا چيلينجرز، ميرپورخاص ٽائيگر، سکر پيٽرائٽس، بينظير آباد لالز، حيدرآباد بهادرز ۽ ڪراچي غازيز جون ٽيمون حصو وٺنديون.