عالمي ۽ مقامي سطح تي سون جي اگهن ۾ لاٿ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عالمي ۽ مقامي سطح تي سون جي اگهن ۾ لاٿ جو سلسلو جاري آهي. ڇنڇر تي به سون مارڪيٽن ۾ وڌيڪ سستو ٿي ويو.

عالمي بلين مارڪيٽ ۾ سون جي اگهه ۾ 4 ڊالر في اونس جي لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي جنهن سان نئون اگهه هڪ هزار 919 ڊالر ٿي ويو.

ٻئي پاسي مقامي سطح تي سون جي في تولو اگهه ۾ 5 سئو رپين جي لاٿ ٿي آهي جنهن سان نئون اگهه 2 لک رپيا 12 هزار ٿي ويو آهي.

اهي ريت 10 گرام سون 428 رپيا سستو ٿي هڪ لک 81 هزار 756 رپين جو ٿي ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.