ڪنڌڪوٽ سول اسپتال مان ٻارڙي اغوا

ڪنڌڪوٽ (ويب ڊيسڪ) ڪنڌڪوٽ ۾ اغوائن جون وارداتون نه گهٽجي سگھيون، سول اسپتال مان ڏيڍ مهيني جي ٻارڙي کي ٻه عورتون اغوا ڪري ويون. سندس ماءُ ڌيءَ جي بازيابي جو مطالبو ڪيو آهي.
ماءُ پنهنجي ٻارڙي کي سول اسپتال ۾ ٽُڪو هڻائڻ لاءِ آندو، ماءُ ٻارڙيءَ جو دوائون ميڊيڪل اسٽور تان وٺڻ وئي ۽ ٻارڙي کي سندس ستن سالن جي ڀاءُ جي حوالي ڪري وئي.
ٻه عورتون نينگر کان سندس ڀيڻ کسي فرار ٿي ويون.
اغوا ڪيل ٻارڙي زرينا ميراڻي جي ڀاءُ ٻڌايو ته ٻه نقاب پوش عورتون آيون ۽ ڀيڻ کسي فرار ٿي ويون.
واقعي جي اين سي اي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ڪرائي وئي آهي، جڏهن ته ٻارڙي جي اغوا کان پوءِ علائقي جي عوام ۾ بيچيني پکڙيل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.